ڳڙهي ياسين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، نوجوان قتل، ٻيو زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڳڙهي ياسين ويجهو پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ۽ هڪ ڄڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڳڙهي ياسين ويجهو نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان ککراڻي ۾ پراڻي زميني تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري 35 سالن جي نوجوان سهيل احمد ۽ سندس 25 سالن جي سئوٽ عبدالواجد ککراڻي کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا جن کي سندن وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان سهيل احمد ککراڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي ۽ زخمي جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ ثناءَ الله کراڻي ٻڌايو اسان جو پنهنجي ئي ذات جي بااثرن سان ٻن سالن کان پراڻو زميني تڪرار هلندڙ آهي اڄ منهنجا سئوٽ سهيل احمد ککراڻي ۽ عبدالواجد ککراڻي پنهنجي زرعي زمين تي ڀاڻ ڇٽري رهيا هئا ته ڳوٺ ميرل جکراڻي واسي حميد ککراڻي، خليل ککراڻي، غفار ککراڻي، گلزار ککراني ۽ ٻين سندن مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو سئوٽ سهيل احمد ککراڻي قتل ۽ عبدالواجد ککراڻي زخمي ٿيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.