ڪنڌڪوٽ: جسم جو صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ ميونسپل عملدارن جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ جسم پاران صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ۽ ميونسپل عملدارن جي مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو.

ڪارڪنن سلطان نندواڻي، گھايل سنڌي، ڪوڙو سبزوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته تازين برساتن کانپوءِ سموري شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن ۽ روڊن رستن تي نالين جو ڪنو پاڻي بيٺل آهي.

هنن چيو ته صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي، جنهن سبب مليريا سوڌو چمڙي جي بيمارين ڪر کنيو آهي پر ميونسپل عملو صفائي سٿرائي ڪرڻ بدران ڪرپشن ۾ رڌل آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ميونسپل عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري شهر جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.