هي علامتون اٿوَ ته ڊينگي بخار جو خطرو سمجهو

ڊينگي بخار مڇرن سان پکڙجڻ واري عام بيماري آهي ۽ پاڪستان ۾ مختلف حصن ۾ وسڪاري بعد ان جي ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي

ان بيماري ۾ تيز بخار کانسواءِ فلو جهڙيون علامتون سامهون اينديون آهن جڏهن ته گهڻو ڊينگي ٿيڻ سان موت جو خطرو وڌي ويندوآهي

ماهرن موجب ڊينگي ويڪسين تي ڪم جاري آهي پر اڃا تائين تيار ناهي ٿي سگهي ان لاءِ جتي اها بيماري عام آهي اتي تحفظ جو بهترين طريقو ان کان بچاءُ ئي آهي

ڊينگي وائرس سان متاثر ٿيندڙ کي 4 کان 10 ڏينهن ۾ علامتون ظاهر ٿينديون آهن،جنهن ۾ مٿي جو سور، هڏين جو سور، اکين، اڱاري ۽ خارش جهڙيون نشانيون سامهون اچي سگهن ٿيون.

ڊينگي جي شدت ان وقت وڌندي آهي جڏهن شريانن کي نقصان ٿيندو آهي جڏهن ته رت کي ڄمڻ لاءِ فراهم ٿيندڙ گهرڙن (پليٽيليٽس) جو انگ به گهٽجي ويندو آهي

ڊينگي جي شدت موتمار ٿيندي آهي ان جي نشانين ۾ بخارلهڻ بعد پيٽ ۾ شديد سور، اڱاري، نڪ يا ڏندن مان رت وهڻ، ساهه منجهڻ، ٿڪڻ ۽ ڪاوڙ اچڻ شامل آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.