ماحولياتي تبديليون ۽ HAARP ٽيڪنالاجي

علي مردان چانگ ايڊووڪيٽ

سڄي دنيا ۾ آبهوا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. گرمي پد جي وڌڻ سبب برفاني علائقن ۾ برف تيزي سان پگھري رهي آهي ۽ سمنڊن ۾ مسلسل چاڙه جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ ڪناري آباد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. آگسٽ 2021 ۾  هڪ بين الاقوامي اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل “Code Red For Humanity” جو نالو ڏنو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمنڊ ۾ مسلسل چاڙه اچي رهي آهي. سال 1901 کان 1971 تائين هر سال سمنڊ ۾ 1.3 ملي ميٽر چاڙه ٿي، جيڪا 1971 کان 2006 تائين وڌي 1.9 ملي ميٽر ٿي وئي ۽ 2006 کان 2018 تائين 3.7 ملي ميٽر تي وڃي پهتي. سمنڊ ۾ چاڙه جو سبب وڌندڙ گرمي پد ٻڌايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته گذريل چار ڏهاڪن ۾ گرمي پد وڌڻ جي رفتار هر ڏهن سالن ۾ تيز ٿي آهي ۽ سال 2100 تائين 4.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي وڌڻ جو امڪان آهي. گرمي پد ۾ واڌ جو سبب تيل ۽ گيس جو گھڻو استعمال ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونهين کي ٻڌايو ويو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪڏهن دنيا جي حڪومتن تڪڙا قدم نه کنيا ته تمام دير ٿي ويندي.

ٻئي پاسي اهڙا ماڻهو به موجود آهن جن جو مڃڻ آهي ته آبهوا جي تبديلي جي پٺيان اصل ڪردار HAARP جو آهي. HAARP (High Frequency Active Auroral Research program)  جي باري ۾ Fred Burcks   آڪٽوبر 2018 ۾ گلوبل رسرچ ۾ هڪڙو آرٽيڪل لکيو جيڪو www.globalresearch.ca  تي موجود آهي. فريڊ برڪس جو چوڻ آهي ته هي اهڙي ٽيڪنالاجي آهي جنهن سان آمريڪا سڄي دنيا تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن ٽيڪنالاجي جا گھڻا پاسا نيشنل سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي خوفيا رکيا ويا آهن. فريڊ برڪس لکي ٿو ته ان ڳاله کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته هي ٽيڪنالاجي جنگ ۾ استعمال ٿي سگھي ٿي. ڪجھ سائسندانن جهڙوڪ Dr. Michel Chossudovsky ۽  Dr. Nick Begichجو مڃڻ آهي ته هن ٽيڪالاجي جي ذريعي پيدا ٿيل گڙٻڙ سنامي ۽ زلزلن جو سبب بڻجي سگھي ٿي.

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 18 مئي 1977 تي هڪ قرارداد پاس ڪئي جنهن ۾ سڀني ملڪن تي موسمن کي فوجي ڪمن لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيو ويو ۽ اها پابندي پڻ لڳائي وئي ته ڪو به ملڪ قدرت سان هٿ چراند نه ڪندو.

جنوري 1999 ۾ يورپي يونين قراداد پاس ڪري HAARP   کي بين الاقوامي مسئلو قرار ڏنو ۽ آمريڪا کي ان ٽيڪنالاجي بابت وڌيڪ تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ چيو. قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته ان ٽيڪنالاجي تي وڌيڪ ڪنهن به رسرچ ۽ ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪنهن آزاد بين الاقوامي اداري کان جاچ ڪرائي وڃي. يورپي يونين ان ٽيڪنالاجي بابت معلومات فراهم ڪرڻ بابت آمريڪا جي انڪار تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

HISTORY چينل جي HAARP تي ٺهيل ڊاڪيومينٽري مطابق اليڪٽروميگنيٽڪ هتٿيار کنوڻ کان سئو ڀيرا وڌيڪ طاقت سان بجلي جو جھٽڪو هڻڻ جي سگھ رکي ٿو، هٿيار جي استعمال سان دشمن جي فوجين کي انڌو ڪري سگھجي ٿو ۽ هٿيار جو استعمال جسم جي کل به ساڙي سگھي ٿو. جيڪڏهن هٿيار کي ڪنهن وڏي شهر مٿان استعمال ڪجي ته شهر ۾ موجود اليڪٽرانڪس جي سمورين شين کي ڪجه سيڪنڊن اندر تباه ڪري سگهي ٿو. اها ٽيڪنالاجي ايتري ته طاقتور آهي جو ان جي استعمال سان  موسم کي به  جنگي هٿيار طور استعمال ڪري سگھجي ٿو. شهرن کي ٻوڏ ذريعي ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪنهن ريگستان ۾ موجود فوج کي واچوڙي ذريعي.

فريڊ برڪس وڌيڪ لکي ٿو ته ڪجه تحقيق ڪندڙ محقق اهو سمجھن ٿا ته وڏيون آفتون جهڙوڪ هيٽي ۾ زلزلو، انڊونيشيا ۾ سنامي ۽ هريڪين ڪترينا ۾ هارپ ٽيڪنالاجي جو استعمال ٿيل هيو.

Dr. Michel Chossudovsky پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ لکي ٿو ته هن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪنهن ملڪ جي ناڻي کي تباه ڪري سگھجي ٿو، زراعت تباه ڪري سگھجي ٿي يا وري سڄي جي سڄي قوم کي بنا ڪنهن فوج جي تباه ڪري سگھجي ٿو. HAARP ٽيڪنالاجي جنهن جو سينٽر آمريڪي رياست الاسڪا ۾ موجود هيو 2014 ۾ بند ڪيو ويو. HAARP جي بند ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ENMOD (Environment Modification) تي ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو هڪ تباهي وارو هٿيار آهي ۽ ايتري طاقت رکي ٿو ته موسمن کي قابو ۾ ڪري سگھجي يا دشمن ملڪ جو سمورو رابطي جو نظام ختم ڪري سگھي.  هي هڪ اهڙو هٿيار آهي جيڪو دشمن يا دوست ملڪن خلاف بنا انهن جي ڄاڻ جي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

) وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو Dr. Michel Chossudovsky  جو آرٽيڪلThe Globalization of War: America’s “long War” Against Humanity)

عظيم سائنسدان البرٽ آئنسٽائين چيو هيو ته مونکي خبر ناهي ته ٽين عالمي جنگ ڪهڙن هٿيارن سان وڙهي ويندي پر چوٿين عالمي جنگ يقيناً لٺين ۽ پٿرن سان وڙهبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.