صحافي سماج جي احساسن جذبن کي ظاهر ڪري ٿو

حميده گهانگهرو

صحافت ۾ صحافي سماج جو ٻرندڙ شمع دان آهي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو هڪ قلمڪار لکي ٿو، ٻڌائي ٿو، پر صحافي سياست، سماج، احساسن جذبن، ڏکين حالتن باوجود زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي پنهنجي مقصد تحت سماج جي عڪاسي ڪري متعلقه ادارن فردن ملڪ جي حڪمرانن تائين پهچائڻ اولين فرض سمجهندو آهي. آزاد صحافت آزاد انسان جو تصور انسان هن دنيا ۾ ايندي ئي محسوس ڪري ٿو. دنيا جي حسين منظر هوا، پاڻي، روشني جي احساس کي سمجهڻ جي پهرين جهلڪ ۾ ئي اهو سمجهڻ ته انسان کي آزاديءَ سان جيئڻ جو حق آهي. پهرين درسگاهه ماءُ جي جهول ۾ محبت، ڀائيچاري جو درس سماج جي ڳانڍاپي لاءِ پهريون سبق  ۽ انسان جي حق تلفي کان انڪاري ٿي سندس مزاج موسم ۽ ماحول تحت مزاحمت ڪندي بنيادي ضرورتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سوچ مطابق ذميداري جي سوچ کيس مضبوط سچو ۽ کرو انسان بڻائي ٿي. صحافي زندگيءَ جي محور ۾ هڪ پاسي بيهي فطرت موجب ڏات ڌڻي آهي. جڏهن ته هر ماڻهوءَ جي ڪم جي نوعيت سندس ڏات پٽاندڙ ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري نفرت بغض، ظلم، استحصال جهڙين موذي ۽ سري نما بيمارين کان بچڻ لاءِ اندر جو انسان جنهن کي ضمير چيو وڃي ٿو. انڌيري خلاف آواز اٿارڻ آزاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي آزاديءَ صحافت جي قلم جي نوق تي صحافت جو اهڙو رستو اپنائڻ جيڪو سماج جي عڪاسي ڪري انتظاميه ۽ حڪمرانن تائين آواز پهچائڻ واري برج تي بيٺل سفير وارو ڪم ڪندڙ نظر ايندو.

حقيقت ۾ جيڪڏهن صحافيءَ جو آواز بند ٿيو ڄڻ برج ۾ ڏار پيو. توڻي جو کڻي ڪيترن صحافين کي سچ ڳالهائڻ تي موت جي منهن مان گذرڻو پيو نوجوان صحافي ولي بابر، سليم شهزاد جهڙن ڪيترن صحافين کي ڪو معاوضو ناهي مليو پر سندن اندر جي سچائي تاريخ جو اتساهه ڏيندڙ باب رهيو آهي.

سرداري نظام، جاگيرداري، سرمائيداري، فرسودهه، جبر ڏاڍ، ظلم خلاف جتي به آواز اٿيو صحافي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي رپورٽننگ ڪري فرض نڀايو آهي. ائين ناهي ته کين ڪي سختين، جيلن جون ڀوڳنائن، لاٺي چارج آنسو گيس جي شيلنگ ڪري صحافين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي پر سڀني ڏکيائين کي منهن ڏيندي ٻئي ڏينهن اليڪٽرانڪ چاهي پرنٽ ميڊيا جي وڏين وڏين سرخين سان سندن ڪارناما سچ جي آواز تي راڄ ڪندا.

هن وقت پاڪستان ۾ برساتن ٻوڏ جهڙي صورتحال اختيار ڪئي آهي 1942ع ۾ مهاٻوڏ آڻي ان وقت سنڌ جو وزيراعظم شهيد الله بخش سومرو هو جنهن پنهنجي زمينن کي ٻوڙي شڪارپور شهر پهچايو.

ان کان پوءِ 2022 ۾ راڌڻ جي ديوان ڌرم داس راڄاڻي جو پٽ دليپ ڪمار پنهنجون آباد زمينون بيٺل فصل ٻوڙائي راڌڻ شهر کي بچايو. اسان وٽ مذهب جي بنياد تي جذباتي ڪري ويڇا وڌا ٿا وڃن. پر دليپ ڪمار ايڏي نفسانفسي، بک، بدحالي مهانگائي ۾ به پاڻ کي نقصان ڏئي رنگ نسل مذهب کان بالاتر ٿي صرف انسانيت جي رشتي کي مان ڏنو.

اها آهي ڌرتيءَ سان محبت ۽ سچائيءَ جو جذبو رکڻ واري ڏاهپ. 2010ع ۾ آيل ٻوڏ ته شهر ڳوٺ ٻوڙيائي هئا فصل تباهه ٿي ويا. پر ان وقت کان وٺي اڄ جي حڪمرانن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته عوام جي نالي ۾ آيل امداد جو ڪو حساب ڪتاب ناهي. حڪمرانن متعلق زميندارن بيوروڪريٽن ۾ امداد ائين ورهائجي وئي جيئن عيد جي ڏينهن گهر جا بزرگ ٻارن ۾ عيدي ورهائي ڇڏين. جائزو وٺجي ٿو ته ڄڻ آفت کي به معاشي ذريعو سمجهي امير ملڪ جي غريب عوام بجاءِ غائبانه مخلوق جي بي حسي جو نشانو بڻبي ٿي وڃي.

2010 جي آيل ٻوڏ ۾ مان (حميدهه گهانگهرو) ۽ منهنجي دوست لنڊن کان آيل ثريا مخدوم جڏهن لنڊن مان فنڊس ۽ سامان کڻي آئي هئي ته سندس ڪم جي سچائي اها هئي ته جيڪڏهن سامان مان ڪي پينسلون ۽ پين نظر آيا ته اهي به اهو چئي ٻوڏ وارن شاگردن ۾ ورهايا. جيڪي نئين شادي شدهه جوڙي جو لباس هو ته اهو چئي روهايو ته جنهن جي شادي ٿئي انهيءَ کي ڏيون ٿا. کوکن ۾ بند پيڪ ڪيل سامان کي کولي هڪ هڪ ماڻهوءَ لاءِ حصو ڪري ورهايو ويو. پر ڪنهن به امانت ۾ خيانت نه ڪئي.

اڄ جڏهن خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ ۾ سيلاب ڏٺو ته 2010 جو منظر سامهون آيو. 2010 کان 2022 جو عرصو ڪنهن به واقعي کي سمجهڻ ۽ احتياطي اپاءُ وٺڻ لاءِ وڏو عرصو آحي. هاڻي جديد ٽيڪنالوجي جو دور آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته دنيا فرس کان عرش تي پهچي وئي پر هتي ڏکين حالتن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جو صحيح سرشتو قائم رکي نٿو سگهجي ۽ عوام کي ڪک، پن وانگر جيئري لڙهندو ڏسي وڃي موت جي منهن ۾ حوالي تي وڃن ٿا.

سياستدان، ملڪ جا حڪمران ته انهيءَ آسريءَ ۽ انتظار ۾ ته ڪٿي صحيح فوٽو گرافي ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ موڪلي واهه واهه ڪجي. اهڙي صورتحال ۾ صرف ۽ صرف هڪ صحافي ئي پنهنجي فرض کان منهن نه موڙيندو، جنهن جو مثال ڪيٽي بندر جي صحافي سمون کي حراسان ڪرڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي کيس گرفتار ڪيو ويو. پر هن انفرادي زندگيءَ کي اجتمائي مقصد لاءِ ارپي ڇڏيو. صحافي جو اهڙو مثال جتي 18 ترميم جي به ڳالهه ٿئي. آزاديءَ صحافت جي به ڳالهه ٿئي اتي هڪ آزاديءَ جي پکيڙيءَ کي خوف جي سوليءَ اڳيان بهياريو وڃي. پر تنهن هوندي به اڄ اهو صحافي قابل تعريف آهي جنهن جي هٿ ۾ پيلي صحافت نه پر سقراط جي سچ وارو فلسفو زهر جو جام پيئڻ کان به نٿو گهٻرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.