انسانن ۾ ڪراڙپ جو عمل تڏهن شروع ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو جي جسم ۾ موجود ”سيل“ جيو گهرڙن کي گهڻو نقصان پهچندو آهي ۽ اهي گهرڙا عيبدار گهرڙن جي ڄمار کي روڪڻ وارو عمل ڇڏي ڏيندا آهن، اهي گهرڙا مرندا ناهن پر انهن ۾ ورهاست وارو عمل بيهجي ويندو آهي جنهن جي ڪري انسان جي جسم ۾ مختلف جاين کان گهنج پوڻ، کَل لڙڪي پوڻ، اکين ۾ ڏار پئجي وڃڻ ڳالهائڻ دوران آواز ۾ رواني نه رهڻ، مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار اڇا ٿي وڃڻ، جسم جا مختلف حصا جهڙوڪ هٿ، پير، ٻانهون ۽ ڄنگهون اڳ جيان ڦڙتي سان ڪم نه ڪرڻ شروع ٿي ويندو آهي.
اهو گهرڙا جنهن کي ڪراڙا گهرڙا به چيو ويندو آهي، اهي پنهنجي ويجهي ٻين گهرڙن کي متاثر ڪري جسم ۾ سوڄ پيدا ڪندا آهن، اهي ڪراڙا گهرڙا انسان جي عمر وڌڻ ۽ جسم جي عمر وڌڻ سان گڏ وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن.
ڪوئن ۾ اهڙي قسم جي گهرڙن جي خاتمي جي ڪري ظاهري طور عمر وڌڻ جا اثر گهٽ هوندا آهن، عمر وڌڻ جي علامتن ۾ سڀ کان واضح ۽ چٽي نئين سيلن جي پيدائش ۾ گهٽتائي ٿيڻ آهي. گهرڙا هلي هلي آخر ٿڪجي پوندا آهن ۽ انهن جي نئين سِر پيدائش ناهي ٿيندي.
صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته موجب انهن گهرڙن کي ”جوان بڻائي“ جسم تي ڪراڙپ وارو عمل ختم ڪري سگهجي ٿو.