شادي شدا مردن کي ڇوهارا ڇو کائڻ گهرجن؟

 

ڇوهارو به خارڪ جو ئي هڪ قسم آهي، جنهن کي ڪجهه ماڻهو خشڪ خارڪ به چوندا آهن.

ان کي عام طور تي شادين ۾ ضرور ورهايو ويندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڇوهارو کائڻ شادي شدا مردن لاءِ ڇو ضروري آهي؟ فائدا ڄاڻي توهان به ڇوهارا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندئو.

ڇوهاري ۾ پروٽين، ڪاربوهائيڊريٽ، وٽامنز، فائبر، فاسفيٽ ۽ ٻيا اهم معدنياتي جز هوندا آهن، جيڪي صحت جا ضامن آهن.

فائدا

1: ڇوهارا هڪ گرم غذا طور استعمال ٿيندا آهن، اهي جسم کي طاقت ۽ توانائي فراهم ڪرڻ جو اهم ذريعو ثابت ٿيندا آهن.

2: اهي کائڻ سان اندروني طاقت به بهتر ٿيندي آهي ۽ هارمونز جي بهتري لاءِ به فائديمند ثابت ٿيندا آهن.

3: اهي عورتون، جن کي حمل نه بيهي يا نه ٿيڻ جا مسئلا آهن، اهي مردن کي رات جي ماني کانپوءِ هڪ گلاس ڇوهاري وارو کير استعمال ڪرائين، اهو مادو جسم جي ضرورت جو هڪ اهم جُز آهي.

4: ڇوهارو رڳو جنسي قوت کي وڌائڻ لاءِ فائديمند ناهي پر اهو دماغي طاقت کي به تيز ڪري ٿو، جنهن سان سوچڻ جي صلاحيت وڌندي آهي.

استعمال جا طريقا

1: رات جي وقت ٻن ڇوهارن کي هڪ ڪوپ کير ۾ وجهي 20 منٽ پچايو، جيئن ئي کير جو رنگ گلابي ٿيڻ لڳي ته ان کي هلڪو ٿڌو ڪري پي ڇڏيو.

2: ڇوهاري کي پاڻي ۾ ڀڄائي رکو ۽ صبح جو اٿي ان پاڻي کي پي ڇڏيو.

3: هڪ ڪوپ ڏهي ۾ ڇوهارن کي پيهي وجهو ۽ سٺي ريت مڪس ڪري کائو.

4: ڇوهارن کي سرڪي ۾ وجهي 15 منٽن لاءِ ڇڏي ڏيو، پوءِ ڇوهارن کي چاٻاڙي کائو، سرڪو استعمال نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.