”شهباز گِل کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت جي گڏجاڻي جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.

فواد چوڌري چيو ته شهباز گِل تي بيرحماڻي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا، اطلاع مليا آهن ته مٿس ذهني ۽ جسماني تشدد سان گڏوگڏ جنسي تشدد پڻ ڪيو ويو آهي.

فواد چوڌري چيو ته شهباز گِل کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو، ڪنهن به سياسي پارٽي جو شخص هجي ان تي تشدد ناقابل قبول آهي.

هن چيو ته سڀاڻي شام ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز کان ريليون  ڪڍيون وينديون، عمران خان خطاب ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.