شائسته لوڌي جي واچ جي اگهه ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا شائسته لوڌي تازو هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي کيس پهريل واچ ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي.

شائستا لوڌي اڄ ڪلهه”ايسٿيٽڪ ڪلنڪ“ هلائي رهي آهي جڏهن ته ڪجهه فيشن شوز ۾ پڻ شرڪت ڪندي رهي ٿي.

تازو هڪ فيشن شو ۾ هن ريمپ تي واڪ ڪئي آهي جتي کيس پستائي رنگ جو جوڙو پهريو هو، اهڙي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي سامهون آئي آهي.

تقريب کانپوءِ هن ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهو ئي انٽرويو مداحن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو.

ان جو سبب شائستا جي لوڌي جي ٻانهن پهريل واچ هئي.

ان واچ جي قيمت اڻويهه هزار ڊالرز ٻڌائي پئي وڃي جيڪي 40 لک پاڪستاني رپيا ٿين ٿا.

شائستا لوڌي جو ڊيزائنر جوڙو ايترو مهانگو نه هو جيتري مهانگي هن واچ پهري هئي.

اهو ئي سبب آهي جو سندس وائرل تصويرن ۽ انٽرويوز تي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران دلچسپ تبصرن جو سلسلو هلندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.