شاهه رخ خان جي رنوير بابت ڪيل اڳڪٿي سچ ٿيڻ جي ويجهو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) شايد توهان مان سڀ ڪنهن کي اها خبر نه هجي ته باليووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان لڳ ڀڳ ڇهه سال اڳ رنوير سنگهه بابت هڪ اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪا ظاهري طور تي هاڻي سچ ٿيڻ واري آهي.

باليووڊ اداڪار رنوير سنگهه اڄڪلهه نيوڊ فوٽو ڪڍرائڻ جي ڪري وڏي ڏکيائين سان منهن ڏئي رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نيوڊ فوٽو شوٽ ڪرائڻ تي چيمبور پوليس طرفان رنوير سنگهه کي پڇا ڳاڇا جي حوالي سان ٻاويهه آگسٽ تي پوليس اڳيان پيش ٿيڻ جو نوٽيس اماڻيو آهي.

ٻئي پاسي اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ڀارتي مشهور شو ڪافي ود ڪرن جو هڪ پراڻو ڪلپ وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شاهه رخ خان اڳڪٿي ڪري رهيو آهي ته رنوير سنگهه ڪپڙا پائڻ ۽ نه پائڻ ٻنهي مان ڪنهن به هڪ ڳالهه تي گرفتار ڪري ٿي سگهي ٿو.

ٿيو ائين هو ته شاهه رخ خان کان شو جي ميزبان ڪرن جوهر سوال ڪيو هو ته توهان کي ڇا ٿو لڳي، رنوير سنگهه ڪهڙي ڳالهه جي ڪري گرفتار ٿي سگهي ٿو؟

جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو هو ته رنوير سنگهه ڪپڙا پائڻ يا نه پائڻ ٻنهي مان ڪنهن هڪ ڳالهه جي ڪري گرفتار ٿي سگهي ٿو.

جيتوڻيڪ شاهه رخ خان اها ڳالهه رڳو مزاق ۾ ئي ڪئي هئي پر ماڻهو سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه کي وائرل ڪري رهيا آهن ته اهڙي اڳڪٿي شاهه رخ خان گهڻو وقت اڳ ئي ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته رنوير سنگهه گذريل مهيني هڪ ميگزين جي لاءِ نيوڊ فوٽو شوٽ ڪرايو هو جنهن کانپوءِ مختلف ماڻهن پاران کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.