ڊالر کي بريڪ نه لڳي، وري مهانگو ٿيڻ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر جو اگهه مسلسل گهٽ ٿيڻ بعد وري اڏام ڀري رهيو آهي جنهن سبب پاڪستاني رپئي جو اگهه گهٽ ٿي ويندو.

اڄ صبح واپار جي شروعات ۾ انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 5 پيسا وڌڻ بعد 215 ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه 15پيسا سستو ٿيو هو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 1 رپيو وڌيو هو.

فاريڪس ايسوسيئشن جي رپورٽ موجب خميس تي رپئي جي ڀيٽ ۾ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو خريد وارو اگهه 25 پيسن جي گهٽتائي سبب 215 رپيا 25 پيسا مان گهٽ ٿي 215 رپيا ٿي ويو هو. جڏهن ته وڪري جو اگهه 215 رپيا 50 پيسا برقرار رهيو هو.

ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ 1 رپئي جي اضافي سان ڊالر جو خريد وارو اگهه 214 رپين مان وڌي 215 رپيا ٿي ويو  هو ۽ وڪري جو اگهه 216 رپين مان وڌي 217 رپيا ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.