بِنا بجلي جي هلڻ واري ٽرين به تيار

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين دنيا جي پهرين اهڙي معطق ماگليو ٽرين متعارف ڪرائي آهي جيڪا بنا بجلي جي به هلي سگهي ٿي.

چين جي علائقي زنگئو ۾ اسڪاءِ ٽرين جو اٺ سئو تجرباتي رستو تيار ڪيو ويو آهي.

اها ٽرين چڪمڪي نظام تحت سفر ڪندي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها ٽرين پٽڙي جي چڪمڪي ميدا تي هوام هلندي.

ٽريڪ جي لاءِ طاقتور چڪمڪ استعمال ڪيا ويا آهن جيڪي لڳاتار ايتري ته طاقت فراهم ڪندا آهن جنهن سان اها ٽرين هوا ۾ ترندڙ محسوس ٿيندي آهي.

ٽرين ۾ اٺاسي مسافر سفر ڪري سگهن ٿا پر ٻين چڪمڪي يا ماگليو ٽرينن جي ابتڙ اها ٽرين زمين کان ڏهه ميٽر اوچائي تي سفر ڪري ٿي.

پنجاهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪرڻ واري اها ٽرين حقيقت ۾ پٽڙي تي ابتي سفر ڪندي نظر ايندي آهي.

ٽرين کي هلائڻ جي لاءِ بجلي جو تمام گهٽ استعمال ٿئي ٿو پر نئين ٽيڪنالاجي جي مدد سان چڪمڪ ئي اڳتي ڌڪي ٿو.

اختيارين موجب برقي مقناطيسي ريڊي ايشن جو گهٽ مقدار خارج ٿيندو آهي جڏهن ته انهن جي تعمير جي لاڳت هڪ سب وي جي مقابلي ۾ نوي سيڪڙو گهٽ آهي.

اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه وقت کانپوءِ ان رستي کي ساڍا ست ڪلوميٽر تائين ڦهليل آهي ۽ رفتار هڪ سئو ويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ ٿي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.