گهريلو ماسي جيڪا هوائي جهازن تي هڪ کان ٻي ملازمت لاءِ ويندي هئي !

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ حيران ڪندڙ واقعو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي ته گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسي جنهن جو نالو پونم شاهه عرف ڪاجل آهي ڪيترين ئي چوري جي وارداتن ۾ ملوث آهي وٽانئس 3 لک ڀارتي رپين جا زيور هٿ آيا آهن.

گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ماسي 100 کان وڌيڪ گهرن مان چوري ڪري چڪي آهي جڏهن ته وڌيڪ گهرن مان چوري جو ارادو رکندي هئي پر سي سي ٽي وي فوٽيجز سندس پول پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ گرفتار ٿي وئي.

پوليس زريعن موجب جوابدار عاليشان بنگلن  ۾ ڪم ڪندي هئي جتان سون جا زيور چورائي وڪرو ڪندي هئي ان مان حاصل ٿيندڙ پيسن مان دهلي ۾ گهر ٺهرائي چڪي آهي.

پوليس چيو ته هن دهلي، جوڌپور، ڪولڪتا،غازي آباد سميت مختلف شهرن مان چوري ڪئي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جوابدار پونم شاهه جڏهن به هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندي هئي ته ٽرين نه پر هوائي جهاز جواستعمال ڪندي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار مٿان ڪيس ڪري چوري ڪيل زيور ۽ پيئسن کي هٿ ڪيو ويو آهي، پونم شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس ڌيءُ ۽ مددگار پوليس جي پهچ کان ٻاهر آهن جنهن لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.