عمران خان جي پمز اسپتال آمد، گِل سان ملاقات جي اجازت نه مليس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گِل سان ملاقات لاءِ پاڪستان پمز پهتو پر کيس شهباز گِل سان ملاقات جي اجازت نه ملي سگهي .

عمران خان جي آمد جي موقعي تي اسپتال ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي هئي.

 عمران خان شهباز گِل سان ملاقات لاءِ اسپتال ٻاهران پنهنجي گاڏي ۾ انتظار ڪندو رهيو، جڏهن ته پوليس طرفان کيس شهباز گِل سال ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ کيس عدالت کان اجازت حاصل ڪرڻ جو چيو ويو.

عمران خان ملاقات جي اجازت نه ملڻ کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپس روانو ٿي ويو، ان دوران ڪارڊيالوجي وارڊ ٻاهران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.

ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گِل سان ملڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي ۽ اسپتال ۾ واڌو نفري مقرر ڪئي وئي هئي.

ترجمان موجب عوام يا ڪو به شخص ملاقات جي ڪوشش ڪري امن امان جي صورتحال خراب نه ڪن.

ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد پوليس اسپتال ۾ سيڪيورٽي جو مناسب بندوبست ڪيو آهي، جوابدار جسماني رمانڊ تي ناهي ۽ ساڻس ملاقات جي اجازت ناهي.

اسلام آباد پوليس موجب امن امان جي صورتحال خراب ٿيڻ تي قانون پٽاندڙ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.