هڪ ئي وقت ٻن پائلٽن کي ننڊ جو جهوٽو، جهاز رستو ڀٽڪي ويو

هڪ جهاز جي اڏام دوران جهاز جا ٻن پائلٽن کي ستٽيهه هزار اوچائي تي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو ۽ جهاز لينڊنگ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.

پندرهن آگسٽ تي سوڊان کان ايٿوپيا ويندڙ ايٿوپيا ايئرلائينز جي اڏار (اِي ٽي-ٽي سئو ٽيتاليهه) ۾ اهو عجيب واقعو پيش آيو آهي.

بوئنگ ست سئو ستٽيهه کي ڪنٽرول ڪندڙ ٻنهي پائلٽن جي سفر جو خاتمو عديس اباب جي ايئرپورٽ تي ٿيڻو هو پر ڊيٽا مان خبر پئي ته اهو جهاز ان ائيرپورٽ جي مٿان گذري ويو.

جڏهن اهو جهاز عديس ابابا پهتو ته اهو جهاز آٽو پائلٽ موڊ تي رکيلهو ۽ ٻئي پائلٽ سُڪون سان ننڊ سمهي رهيا هئا.

ايئرڪنٽرول ٻنهي پائلٽن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي نه جاڳي سگهيا.

ٻئي پائلٽ ان وقت ننڊ مان سجاڳ ٿيا جڏهن آٽو پائلٽ موڊ ڊس ڪنيڪٽ ٿيو ۽ اهڙو الارم وڄڻ لڳو.

ان موقعي تي ٻئي پائلٽ پريشان ٿي ويا ۽ جهاز کي پوئتي موٽائي لينڊنگ جي ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي.

ڊيٽا مان اها تصديق ٿي ته جڏهن جهاز پهريون ڀيرو ايئرپورٽ جي مٿان گذريو ته اهو ستٽيهه هزار فوٽ جي اوچائي تي هو.

ٻئي ڪوشش کانپوءِ اهو جهاز پنجويهه منٽن جي دير کانپوءِ با حفاظت پنهنجي منزل واري ايئرپورٽ تي لينڊ ٿي ويو.

لينڊنگ کانپوءِ جهاز اڍائي ڪلاڪن تائين ايئرپورٽ تي ئي بيٺل رهيو ۽ پوءِ پنهنجي ٻئي اڏام ڪري نڪري ويو.

ان حوالي سان ايوي ايشن اٿارٽي پاران هڪ ٽوئيٽ ڪري رستو ڀٽڪيل جهاز جو روڊ شيئر ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.