فلم ”لال سنگهه چڍا“ جي ناڪامي جا وڏا سبب

ممبئي(ويب ڊيسڪ) عامر خان ۽ ڪترينا ڪپور خان جي فلم لال سنگهه چڌا اميد موجب بزنس ڪمائڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، هڪ سئو اسي ڪروڙ جي اها فلم پهرين ڏينهن رڳو يارنهن ڪروڙ رپيا ئي ڪمائي سگهي.

عامر خان چئن سالن کانپوءِ وڏي پردي تي واپسي ڪئي، پر ٻه هزار ٻاويهه ۾ هندي فلمن جي ناڪامين کي ڏسڻ جي باوجود اهو چيو پئي ويو ته عامر خان ۽ ڪرينا جي هيءَ فلم هندي فلم انڊسٽري کي ٻيهر اٿاري سگهي ٿي پر ائين نه ٿيو.

لال سنگهه چڌا رليز جي هڪ هفتي ۾ رڳو اڻونجاهه ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي جڏهن ته رڳو ڪي جي ايف ٽو جي هندي ورزن رليز جي پهرين ڏينهن ئي چوونجاهه ڪروڙ جو بزنس ڪيو هو.

تجزيا ڪارن عامر خان جي هن وڏي بجيٽ واري فلم تي وچ ٿرو رد عمل ڏنو آهي.

فلم جي مواد جي حوالي سان تجريا ڪارن جو چوڻ آهي ته ماڻهن فلم جي مواد کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

انهن چيو ته فلم پدماوت خلاف رتوڇاڻ وارا احتجاج ٿيا پر پوءِ به اهي فلم جي ڪاميابي کي نه روڪي سگهيا ۽ ان سئو ڪروڙ کان مٿي بزنس ڪيو.

فلم ٽريڊ تجزيا ڪار رميش بالا فلم جي مواد سان گڏوگڏ بائيڪاٽ مهم کي به انهن جي ناڪامي جو وڏو سبب قرار ڏنو آهي.

هن چيو ته فلم جي خلاف ٿيندڙ بائيڪاٽ مهم به ان جي ڪاميابي کي وڌو ڌڪ ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.