شهباز شريف بيوس ترين وزيراعظم آهي: شيخ رشيد

اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته شهباز شريف بيوس ترين وزيراعظم آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي سندس پنهنجي پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ بي اي پي به اکيون ڏيکاري رهيون آهن.

شيخ رشيد چيو ته سياسي پريشر ڪڪر سياسي چلهه تان نه هٽايو ويو ڦاٽي پوندو، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف جو ترجمان آهي.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته هي 70 جو ڏهاڪو ناهي، توشه خانه ۽ غيرقانوني فنڊنگ عمران خان جو ڪجهه نٿي بگاڙي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.