شهباز گِل کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، کيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ ذليل ڪيو پيو وڃي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته تصويرون ۽ ويڊيوز ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته شهباز گِل کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز گِل تي تشدد ۾ جنسي زيادتي به شامل آهي، کيس ٽوڙڻ لاءِ ذليل ڪيو ويو، مون وٽ مڪمل تفصيلي معلومات آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي هن تشدد ناهي ڪيو ، منهنجو سوال اهو آهي ته شهباز گِل تي تشدد ڪنهن ڪيو؟ عوام ۽ اسان جي ذهنن ۾ هڪ خيال آهي ته ايترو ڀوائتو تشدد ڪير ڪري سگهي ٿو، ياد رکو عوام ردعمل ڏيندو، ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.