انوراگ ڪيشپ جو تاپسي پَنو کي اسٽار ٿيڻ لاءِ مشورو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا تاپسي پنو انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هدايتڪار انوراگ ڪيشپ اسٽار بڻجڻ جي لاءِ مشورو ڏنو هو ته روهيت شيٽي سان گڏ ڪم ڪيان.

واضح رهي ته گول مال سيريز سان شهرت ماڻيندڙ فلم ساز روهيت شيٽي ڪاميڊي ۽ ايڪشن فلمن جي هدايتڪاري ڪئي آهي جڏهن ته سندس فلمون به ڪامياب رهيون آهن.

پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران تاپسي جو چوڻ هو ته جڏهن مان اسٽار بڻجڻ جي ڳولا ۾ هيس ته هدايتڪار انوراگ مونکي روهيت شيٽي سان ڪم ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

تاپسي ٻڌايو ته فلم ”دوبارا“ جي ايڊيٽ دوران جڏهن منهنجي ۽ انوراگ جي وچ ۾ بحث ٿيو ته هن چيو ته تون مون سان ڪم ڇو پئي ڪرين؟ جيڪڏهن توکي اسٽار ٿيڻو آهي ته وڃ وڃي رهيت شيٽي سان ڪم ڪر.

اداڪارا چيو ته جيئن ته هر ڪنهن وٽ هڪ جهڙو فارمولو ناهي هوندو، انڪري مان به اسٽارڊم تائين وڃڻ لاءِ مختلف رستا اختيار ڪرڻ چاهيان پئي، هاڻي جيڪڏهن روهيت شيٽي مون سان ڪم نٿو ڪري ۽ مونکي موقعو نٿو ڏئي ته مان ڇا ڪيان؟.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ اداڪار جي حيثيت سان مونکي جيڪو ڪرڻ کپندو هو مون ڪيو، مان اسٽار بڻجڻ چاهيان ٿي مان پنهنجي صلاحيتن موجب اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي جيڪو مان ڪري سگهان ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.