اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي جميل احمد جي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر طور مقرري منظوري ڏئي ڇڏي.

صدر هي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ، ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايڪٽ جي سيڪشن 11، اي هڪ تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني.

هڪ ان کان پهرين مرڪزي بئنڪ جو ڊپٽي گورنر هو.

واضح رهي ته رضا باقر هلندڙ سال مئي ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ڪيو هو جنهن بعد مرتضيٰ سيد وقتي گورنر طور ذميواري سنڀالي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.