” شهباز گِل تي ٿيل تشدد نه ٻڌائي سگهجي ٿو نه ڏيکاري سگهجي ٿو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته شهباز گِل تي اهڙو تشدد ڪيو ويو جيڪو نه ٻڌائي سگهجي ٿو نه ڏيکاري سگهجي ٿو.

بابر اعواڻ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته شهباز گِل تي اهڙو تشدد ڪيو ويو آهي جيڪو نه ٻڌائي سگهجي ٿو نه ڏيکاري سگهجي ٿو، ميڊيا جا ماڻهو به رڙيون ڪري چئي رهيا آهن مٿس تشدد ڪيو ويو آهي، آءِ جي جاچ لاءِ هڪ اشتهار جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنهن کي به تشدد بابت پتو آهي اهو اچي ٻڌائي.

بابر اعواڻ چيو ته شهباز گيل جي طبي معائني لاءِ پاڪستان جي چئني صوبن مان غيرجانبدار ڊاڪٽرز تي ٻڌل بورڊ جوڙيو وڃي، ان جو خرچ اسان ڀرينداسين.

سندس چوڻ هو ته جيل جي ميڊيڪل آفيسر چيو ته شهباز گِل کي ننڍپڻ کان ساهه جو مسئلو آهي، سرڪاري اسپتال ۽ سرڪاري ڊاڪٽرن تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي، شهباز شريف بابت چيلهه ۾ تڪليف جي رپورٽ ڏني وئي هئي، نواز شريف کي پليٽ ليٽس مسئلو ٻڌايو ويو هاڻي هو مزا ڪري رهيو آهي، اصل حڪومت لنڊن مان ٿي رهي آهي، شهباز گِل تي  عمران خان خلاف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.