سڄي ملڪ مان اوچتو انٽرنيٽ غائب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس ڊائون ٿيڻ جو شڪايتون سامهون اچي رهيون آهن.

ذريعن موجب نجي ادارن، گهرن ۽ آفيسن ۾ پي ٽي سي ايل جي انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ پي ٽي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي سي ايل ڊيٽا نيٽ ورڪس ۾ مسئلن جا اطلاع ڏنيا ويا آهن.

پي ٽي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊيٽا نيٽ ورڪس ۾ مسئلي سبب انٽرنيٽ ڪينڪٽيويٽي جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، اتر ۽ ڏکڻ جي ڊيٽا نيٽ ورڪ ۾ خرابي پيدا ٿي آهي، ان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ انتظاميا جي سڄي صورتحال تي نظر آهي.

پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته پي ٽي سي ايل جي ٽرانسميشن نيٽ ورڪ ۾ ٽيڪنيڪي خرابي پيدا ٿي آهي جنهنڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي اڪثر شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿي، آپٽيڪل فائبر جو ٽرانسميشن نيٽ ورڪ هڪ شهر کي ٻئي شهر سان ڳنڍيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.