ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن کان اڳ ئي نتيجا رد ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن آدمشماري بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي نه مڃيو ويو ته اسان 28 آگسٽ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جا نتيجا تسليم نه ڪنداسين.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته صوبائي حڪومت وٽ تڪبدين ڪرڻ جو اختيار ناهي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ پڻ چيو ويو آهي ته تڪبنديون اليڪشن ڪميشن ڪري سگهي ٿي.

هن چيو ته موجودا تڪبنديون لساني بنيادن تي ڪيون ويون آهن، تڪبندين ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪيل تڪبنديون آئين جا بکيا اُڊيڙڻ برابر آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جنهن نموني تڪبنديون ڪيون ويون آهن ان سان لسانيت کي هٿي ملندي.

خالد مقبول صديقي چيو ته ڪٿي 90 هزار، ڪٿي 50 کان 30 هزار ووٽرن تي ٻڌل تڪ ٺاهيو ويو آهي، جتي اسان جا ووٽر آهن اتان جي تڪبندي وڌيڪ ووٽرز تي ڪئي وئي آهي، هي چونڊن کان پهرين ڌانڌلي آهي.

هن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، اليڪشن ڪميشن وٽ به وياسين، وزيراعظم ۽ صدر کان سوال آهي ته انصاف لاءِ ڪيڏانهن وڃون؟

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته اسان مڪاني چونڊن ۾ هڪ ڏينهن به دير نٿا چاهيون، پونئن ڀيري برسات سبب اليڪشن ملتوي ڪئي وئي هئي.

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه چيو ته آدمشماري ۾ شهري علائقن ۾ ماڻهن کي گهٽ ڏيکاريو ويو  پر هاڻ هن دفعي ڏنڊو وهايو ويو، ڪيس اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ آهي قانون موجب آدمشماري ڪئي وڃي، هن مطالبو ڪندي چيو ته جيڪي ڳالهيون سپريم ڪورٽ مڃيون آهن اهي حڪومت به مڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان 28 آگسٽ جا نتيجا نه مڃينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.