عمران خلاف نااهلي ريفرنس داخل نه ڪرڻ تي نواز شريف کي ڪاوڙ

لاهور (تبصرو: عمران شفقت) نواز شريف اتحادي حڪومت جي انتظامي ۽ سياسي پاليسين تي سخت ڪاوڙ ۾ آهي، ڇو ته اتحادي حڪومت اڃان تائين فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي اچڻ باوجود پي ٽي آءِ کي ڪالعدم قرار ڏيارڻ لاءِ ريفرنس نه اماڻي سگهي آهي ۽ شهباز گل جي معاملي ۾ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته نواز شريف واضح انداز ۾ چيو آهي ته عمران خان تي بغاوت جي ڪيس کي ڇڏي ڏيو اهو جن جو مسئلو آهي انهن تي ڇڏي ڏيو، اصل مسئلو فارين فنڊنگ واري رپورٽ آهي ان ۾ اوهان ڇو ڍر ڪئي آهي. نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته نظر اهو ٿو اچي ته نواز شريف عمران خان تي بغاوت ڪيس تي راضي نه آهي هو فقط فارين فنڊنگ واري رپورٽ  جي بنياد تي عمران خان کي نااهل ڪرائڻ جي حق ۾ آهي، اتحادي حڪومت جي ڪهڙي مجبوري آهي شايد نواز شريف اها ٻڌڻ  لاءِ به تيار نه آهي، رڳو ڏکيا فيصلا ڪري عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ وجهي (ن)  ليگ جي سياست کي تباهه  ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، ان ڪري ڪاوڙ رڳو پئٽرول اگهه وڌائڻ  تي ناهي پر اتحادي حڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ اڃان تائين ريفرنس نه موڪلڻ تي خاص طور  نواز شريف شديد ڪاوڙ ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.