آمريڪا پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثر لاءِ اضافي 10 لک ڊالر امداد جو اعلان

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ  اضافي 10 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ اضافي 10 لک ڊالر امداد جو اعلان ڪيو، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ هن چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، ٻوڏ متاثرن جي فوري امداد لاءِ اضافي 10 لک ڊالر ڏينداسين، موسمياتي بحران جا مستقل اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکنداسين.

  • عمران خان ٻوڏ متاثرن سان ملڻ لاءِ ڇو نٿو وڃي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي  وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي ميڊيا سيمينار کي منافقت قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا دشمن ڪهڙي منهن سان ميڊيا سيمينار ڪرائي رهيو آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪرڻ وارو ڏوهاري آهي، سي پي اين اي، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي رپورٽس عمران خان جي ميڊيا دشمني جي گواهي آهن.  هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته جنهن کي عالمي ادارن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو آهي، ان جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان فتنو، فساد، انتشار پکيڙڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي لاءِ هر جڳهه جو دورو ڪري سگهي ٿو پر ٻوڏ سٽيلن سان ملڻ لاءِ نه ٿو وڃي سگهي، بشريٰ بي بي اسلامي ٽچ جي ڪري منع ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.