نوشھرو فيروز ضلعي ۾ 48 ڪلاڪن جي برسات تباھي مچائي ڇڏي، ماڻهن پاران آذانون

نوشھرو فيروز(رپورٽ: ايم ظفر تڳر) نوشھرو فيروز  ضلعي ۾ 48 ڪلاڪن کان پوندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي، سموري ضلعي جي ھر ننڍي توڙي وڏي شھر ۾گوڏي جيڏو پاڻي ڪيترائي گھر ڪري پٽ پئجي ويا، مختلف واقعن ۾ 14 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا، فصل تباهه ويا، هرطرف ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي، ماڻھو گھرن تائين محدود  شھر جا دڪان ريڙھا به نه کليا، ضلعي جي سڀني شھرن موري، نوشھرو فيروز، پڊعيدن، ڪنڊيارو، ٺارو شاهه، محرابپور، ھالاڻي، ڀريا ڀريا روڊ، نوان جتوئي، دريا خان مري، ڦل، ڪوٽڙي، خانواھڻ ۽ مٺياڻي ۾ سوين ماڻھو دريا جي بند تي وڃي دعائون گھريون، ماڻھو گھر جي ڇتين رستن تي آذانون ڏيڻ لڳا، گھرن ۾ جيڏانھن ڪيڏانھن قيامت جا منظر برسات سبب گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب ڪيترائي ماڻھو ضلعي جي ننڊين وڏين اسپتالن ۾ ماڻھن جي رش لڳل آهي گيسٽرو سبب ڪيترائي ٻار فوت چڪا، رش سبب اسپتالن ۾ بيڊ ختم ٿي ويا، ڪيترائي ٻار توڙي وڏا پٽ تي پيل، ڪوب ضلعي جو ايم پي اي ايم اين اي ڪنھن وٽ به لڙي نه آيو، ماڻھن چونڊيل نمائندن کي پٽون پاراتا ۽ پنھنجي گلڙن جھڙن ٻارڙن کي مرندي ڏسي اوڇنگارون ڏيندي روئندا رھن ٿا، نوشھرو جي عوام حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته فورن نوشھرو فيروز ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي، سيڪريٽري صحت ۽ وزير اعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته صحت کاتي جون ٽيمون ٻھراڙي ۾ موڪلي گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارن توڙي وڏڙن جو ترت علاج نه ڪيو ويو ته وڌيڪ فوتگين انديشو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.