چيف سيڪريٽري وٽ اجلاس، ڊي سيز کي 30، 30 لک رپيا جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تازين برساتن جي صورتحال  بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، لاڳاپيل سيڪريٽري ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 220 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي آهي، برسات سبب انفراسٽرڪچر ۽ عوام کي جاني ۽ مالي نقصان پهتو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت فيصلو ڪيو ته امدادي ڪمن لاءِ متاثر ضلعي جي هر ڊپٽي ڪمشنر کي فوري طور تي 30-30 لک رپيا جاري ڪيا وڃن. هن ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اڄ ئي سمورن ضلعن ۾ رليف ڪئمپن، برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن. چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته برسات متاثرن کي راشن، خيما ۽ ٻيون ضرورتون فراهم ڪيون وڃن. جتي صورتحال خراب آهي اتي برسات متاثرن کي اسڪولن ۾ رکيو وڃي، پي ڊي ايم اي پاران خيما ۽ راشن جا ٿيلها فراهم ڪيا ويندا، ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت چيو ته صوبي ۾ برساتن سبب انفراسٽرڪچر ۽ زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، نقصان جو اندازو لڳائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته برسات متاثر علائقن ۾ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين جي دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو. پي ٽي آءِ وزيرن جي شڪايت آهي ته اسان جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي، مونس الاهي ۽ شفقت محمود معاملا ٺارڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، 25 مئي واقعي کانپوءِ ملوث آفيسرن کي هٽائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس گهرو وزارت جا حڪم نه مڃيا، وڏي وزير جي هدايت جو شرط رکيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.