امدادي سرگرمين لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي دٻاءُ وڌو وڃي، تعليمي ادارن ۾موڪل ڪئي وڃي: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ سنڌ سرڪار کان مطالبو ٿي ڪري ته  دادو، بدين، ڄامشورو، ٺٽو، قاسم آباد، سجاول، ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ٽنڊومحمدخان، سانگھڙ، مٺي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ٻوڏ  ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري هنگامي بنيادن تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون وڃن قومي عوامي تحريڪ تيز برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سمورن عهديدارن ۽ ڪارڪنن  کي پابند ٿي ڪري ته  اهي پنهنجي علائقن ۾ وس آهر امدادي سرگرميون شروع ڪن ،هن چيو ته  سنڌ جي ھر ٻوڏ متاثر خاندان کي فورن ٻه لک رپيا امداد ڏني وڃي. ماڻهن کي خيما، دوائون ۽ راشن فراهم ڪيو وڃي، چوپائي مال جي لاءِ پڻ خوراڪ ڏني وڃي، مڪمل ڊھيل گھر اڏڻ لاءِ پنج لک رپيا ڏنا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو ته  قومي عوامي تحريڪ تيز برساتن سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سمورن عهديدارن ۽ ڪارڪنن  کي پابند ٿي ڪري ته  اهي پنهنجي علائقن ۾ وس آهر امدادي سرگرميون شروع ڪن جتي سرڪار ڪوتاهي ڪري، اتان جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ريسڪيو لاءِ دٻاءُ وجھن. روينيو، اريگيشن، بلديا ، ھائويز، ھيلٿ ۽ پوليس سميت سموري لاڳاپيل عملي جون موڪلون رد ڪيون وڃن ۽ اھي ڏينھن رات ھنگامي ڊيوٽيز تي موجود رهن.اياز لطيف پليجي چيو ته  تعليم کاتو 31 آگسٽ تائين فورن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪل جو اعلان ڪري سرڪاري وزير، مشير، وزير اعليٰ ۽ سيڪريٽريز سنڌ جي متاثر ضلعن جا دورا ڪن ۽ سنڌ جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن مان فوري طور تي گهرن ۽ گھٽين مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي قومي عوامي تحريڪ جي قيادت سڄي سنڌ جي نگراني ڪندي ۽ مختلف ضلعن ۾ پارٽي اڳواڻ پهچندا. قومي عوامي تحريڪ جا ذميوار ڪارڪن ۽ اڳواڻ ڏينهن رات ميدان وٺي بي يار و مددگار ماڻهن جي واهر ڪن.اياز لطيف پليجي چيو ته  سمورن ضلعن جا سيشن ججز امدادي ڪمن جي نگراني ڪن، جيئن ڪا ڊرامي بازي، ڪوتاھي ۽ ڪرپشن نہ ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.