آگسٽ ۾ سنڌ ۾ 300 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتون

ڪراچي(م ڊ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته آگسٽ جي 18 ڏينهن ۾ سنڌ ۾ 300 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتون ٿيون،  جڏهن ته ڪراچي ۾ معمول کان سراسري 150 ملي ميٽر وڌيڪ برساتون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ معمول جي سراسري برسات 65 سيڪڙو ملي ميٽر آهي پر هن ڀيري شهر ۾ معمول کان وڌيڪ 150 ملي ميٽر کان وڌيڪ برساتون پيون آهن، هن ٻڌايو ته گلشن حديد ۾ آگسٽ جي 18 ڏينهن دوران 269 ملي ميٽر جڏهن ته گڏاپ ۾ 186 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي،هن چيو ته مون سون سسٽم اوڀر ۽ وچولي سنڌ ۽ راجستان تي موجود آهي، هندي سمنڊ مان نمي جي صورت ۾ سسٽم کي سپورٽ به ملي رهي آهي، موسميات کاتي مطابق ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي گهڻي تيز برسات ٿي سگهي ٿي، 19 آگسٽ جي رات يا 20 آگسٽ جي صبح تائين سنڌ ۾ برساتن جو امڪان آهي، جيڪڏهن سسٽم هڪ جاءِ تي رڪجي ويو ته برساتن جو سلسلو وڌيڪ ڪجهه ڏينهن جاري رهي سگهي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.