لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، سنڌ حڪومت غائب آهي: اي جي پي

حيدرآباد (پ ر) عوامي جمهوري پارٽي سنڌ ۾ تازي طوفاني برسات بعد سرڪار جي نااهلي سبب ٿيل تباهي تي ڏک جو اظهار ڪندي گهر ڪئي آهي ته پوري سنڌ مان فوري طور پاڻي نيڪال ڪري ايندڙ خطرناڪ ٻوڏ کي منهن  ڏيڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن،اي جي پي جي صدر ايڊووڪيٽ سيد لال شاهه، جنرل سيڪريٽري خادم ٽالپر، مرڪزي اڳواڻن ڪرم حسين وساڻ، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، حريف خان چانڊيو، ايڊووڪيٽ اياز چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، نورنبي راهوجو، شاهه محمد انڍڙ، رشيد سڌايو، ڀائو در محمد ٻرڙو، درياهه خان شيخ، ادي نذير قريشي، سنڌي عورت تنظيم جي صدر شهزادي ڀرڳڙي، سعيده گوپانگ، ايس ايس او جي نائب سينيئر نائب صدر گلاب راءِ جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ھن وقت سنڌ جا تقريبن سمورا ڳوٺ ۽ شھر برسات سبب ٻڏن پيا، ڪچي ۾ درياھ بادشاھ جي ٻوڏ آھي، ماڻھو بي گهر، دربدر ۽ پريشان آھن. وٽن کائڻ لاءِ نه کاڌو ۽ نه ئي وري سر لڪائڻ جي ڪا جاءِ آھي. پر انھي ايمرجنسي واري گھڙي ۾ سنڌ حڪومت غائب آھي، سندس قيادت دبئي جي سير ۾ مصروف آهي، باقي رھيل وزير ۽ سندن کاٽائو ڪاموراشاهي گھرن ۾ آرامي آھن. وزيراعظم به بلوچستان، خيبر پختون خواہ ۽ پنجاب جي ٻوڏ ستايلن وٽ ويو ۽ علائقن جا دورا ڪيا پر پاڪستان کي ٺاھيندڙ سنڌ جي تباھي تي ڪابه نظر نه ٿي پوي ڪچين آبادين ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ،هنن چيو ته اسان جي پارٽي سڄي سنڌ جي سياسي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ سرندي وارن ماڻھن کي اپيل ٿي ڪري تهہ اچو ھن نازڪ گھڙي ۾ ڏتڙيل، غريب ۽ بي گھر سنڌي عوام جي مدد ڪريون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.