عمران خان کي سياست مان آئوٽ ڪرڻ جون ڪوششون تيز

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  طاقتور  حلقن عمران خان کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ هڪ يا ٻن سالن لاءِ نگران حڪومت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ عمران  خان بلڪل ٻاهر هوندو  جڏهن ته موجوده اتحادي حڪمرانن جي نگران حڪومت کي حمايت حاصل هوندي ڇو ته  نگران حڪومت موجوده حڪمرانن جي صلاح مشوري سان ئي جڙندي جنهن ۾ ٽيڪنوڪريٽ شامل هوندا.

نامياري صحافي  سميع ابراهيم جو چوڻ آهي ته طاقتور حلقا هر صورت ۾ مائينس عمران  خان جا فارمولا ٺاهي سياست مان عمران خان کي ٻاهر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن.

شهباز گل جي گرفتاري به ان ڪوشش جو حصو آهي ته جيئن عمران خان خلاف بيان ڏياري گهيرو تنگ ڪيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو پمز اسپتال ۾ ڪجهه غير واسطيدار ماڻهو ڊاڪٽرن وارو گائون پائي شهباز گل سان رات جو دير ۾ ملندا رهيا ۽ کانئس پڇا ڳڇا ڪندا رهيا آهن، جنهن تي پي ٽي آءِ جي موجود اڳواڻن پمز اسپتال جي انتظاميا   کان سي سي ٽي وي فوٽيج گهريا ته جواب ڏنو ويو ته فوٽيج ڊليٽ  ٿي ويا آهن.

اهڙين ڪاررواين مان محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان کي سياست مان آئوٽ ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن.

نوٽ هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 19 آگسٽ 2022ع تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.