پرويز الاهي ۽ عمران خان ۾ ڏند چڪ، ڪامورا به پريشان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ عمران خان ۾ انتظامي معاملن ۽ شهباز گل جي مدد تي اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي  اڳ ئي شهباز گل جي ڏنل بيان جي مذمت ڪري چڪو آهي پر عمران خان هر صورت ۾ پنجاب جي انتظاميا کي شهباز گل  جي هر قسم جي مدد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو.  پرويز الاهي  اهو نه ٿو چاهي جڏهن ته پنجاب جي صوبائي انتظامي آفيسرن به عمران خان جا غير قانوني حڪم مڃڻ کان انڪار  ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڏي وزير پرويز الاهي کي به چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن اها ڄاڻ  ڏئي ڇڏي آهي ته  عمران خان ڪهڙي حيثيت ۾ حڪم ڏئي رهيو آهي، اسان ان جا حڪم مڃڻ جا پابند نه آهيون.

صوبائي  انتظاميا جي انڪار تي عمران خان کي به وڏي ڪاوڙ آهي پرويز الاهي  سان اهو به مسئلو آهي ته هو عمران خان سان گڏجي هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر ساڻس ٻٽ بڻجي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته  اها طئه ٿيل ڳالهه آهي ته چوڌري ڀائر هيمشه اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهيا آهن، ان ڪري پرويز الاهي اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙي  جي بلڪل به حق ۾ نه آهي، جنهن ڪري عمران خان سان سخت جملن جي ڏي وٺ جا به اطلاع آهن ۽ ان صورت ۾ شايد پرويز الاهي عمران خان سان گڏ نه هلي سگهندو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مدد سان ٻئي طرف معاملا بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

نوٽ هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 19 آگسٽ 2022ع تي شائع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.