رٽائرمينٽ کانپوءِ سمنڊ ڪناري ”عاليشان زندگي گذاريندڙ گهوڙا“

هڪ صدي پوئتي انساني تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ان دور ۾ گهوڙن کي سواري طور استعمال ڪيو ويندو هو، گهوڙي سواري جي باقاعدي طور سِکيا ڏني ويندي هئي ۽ گهوڙو پاليندڙ ماڻهو پنهنجو پاڻ تي فخر محسوس ڪندا هئا.

ان سان گڏ گهوڙن کي جنگين ۾ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ مهينن کان مهينن تائين جو سفر گهوڙن جي ذريعي طئي ڪيو ويندو هو.

وقت مٽيو، زمانو گذريو، گهوڙن جي جاءِ مشينري جي گاڏين وٺي ڇڏي آهي پر گهوڙن جي پنهنجي جاءِ تي اڃا تائين اهميت آهي.

اڄڪلهه جي دور ۾ گهوڙن کان ٻيا ڪم ته ڪهڙي انداز ۾ ورتا وڃن ٿا اها ڳالهه الڳ آهي پر گهوڙن کي ڊوڙ جي راند لاءِ استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ گهوڙن جي خاصي ديک بحال ڪئي ويندي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ واهپيدار مختصر وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڪاري رنگ جا گهوڙا ڪنهن خوبصورت ترين سمنڊ جي ڪناري تي هڪٻئي پٺيان هلندي ڏسي سگهجن ٿا.

ان واهپيدار وڊيو کي اهو ڪيپشن ڏنو ته هي ڊوڙ ڊوڙندڙ گهوڙا آهن، جيڪي رٽائر ٿي چڪا آهن ۽ سمنڊ ڪناري تي پنهنجي زندگي بهترين طريقي سان گذاري رهيا آهن.

هن ٻڌايو ته جنت جهڙو ڏيک ڏيندڙ هي زمين جو حصو نيهي سُمبا جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪو انڊونيشيا ۾ واقع آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترائي گهوڙا سخت اُس ۾ نيري پاڻي جي ڀرسان گذر ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.