”عمران خان جي واتان ميڊيا جي آزادي جون ڳالهيون ڀوڳ لڳن ٿيون“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي تازي جلسي ۾ خطاب تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي واتان ميڊيا جي آزادي واريون ڳالهيون مذاق کان گهٽ ناهن.

پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ 4 سال ڪيترين ئي صحافين تي تشدد ڪيو آهي ۽ سندن پروگرام بند ڪيا.

هو قوم کي گمراهه ڪري رهيو آهي جيڪڏهن هو معاشي حالتون بهتر ڪري ها ته اڄ عوام جي حالت بهتر نه هجي ها.

هن چيو آهي ته پي ايف يو جي، سي پي اين اي سميت عالمي ميڊيا واچ جي ادارن به عمران خان جي ميڊيا مخالف ڪمن جي تصديق ڪئي آهي.

هن ٻڌايو ته ميڊيا واچ جي عالمي ادارن عمران خان کي ميڊيا ۽ صحافت جي آزادي لاءِ پريڊيٽر چيو آهي.

سڌ سماءَ جي وفاقي وزيرمريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ هي ماڻهوچئي ٿو ته کيس آزاد ميڊيا کان خوف نه هو، جڏهن پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ڪارو قانون ٺاهيو پئي ويو ان وقت هو وزيراعظم هو، عمران خان جا سڌ سماءُ وارا وزير ۽ ڪرائي جا ترجمان ميڊيا تي مهم هلائيندا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.