آمريڪا: پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ ڏهه لک ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ وڌيڪ ڏهه لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪسان ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ وڌيڪ ڏهه لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڏکئي وقت ۾ اسان پاڪستان سان گڏ بيٺا آهيون، پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوري طور امداد جي لاءِ واڌو ڏهه لک ڊالر ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته موسمياتي بحران جي ايندڙ وقت واري اثرن کي گهٽائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين.

واضح رهي ته انکان اڳ آمريڪا قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ لاءِ سورنهن آگسٽ تي پاڪستان جي لاءِ هڪ لک ڊالر جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.