ون ڊي ڪرڪيٽ ختم ڪرڻ وارو معاملو، روهت شرما به ميدان ۾ اچي ويو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ ختم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

روهت شرما ون ڊي ڪرڪيٽ کي ختم ڪرڻ واري خيال تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هڪ ڏينهن واري فارميٽ جي اڄ به اهميت آهي، ماڻهو پهريان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا، منهنجي لاءِ ڪرڪيٽ اهميت رکي ٿي اها ڪهڙي به فارميٽ ۾ هجي.

ڀارتي ڪپتان چيو ته اهي سڀ وضول ڳالهيون آهن ته منهنجو نالو ئي وٺندي ڪرڪيٽ جي ڪري ٺهيو آهي، مونکي نٿو لڳي ته ون ڊي، ٽي ٽوئنٽي يا وري ٽيسٽ فارميٽ ختم ٿيڻ جي ويجهو آهن.

انٽرويو دوران روهت شرما چيو ته اسان ننڍپڻ کان ئي ڀارت لاءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو خواب ڏسندا هئاسين ۽ جڏهن ون ڊي کيڏندا آهيون ته اسٽيڊيم شوقينن سان ڀرجي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.