اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان ٽيم جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا !

اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ پاڪستان ۽ نڌرلينڊز جي ون ڊي سيريز جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته محمد حفيظ پاڪستان جي مڪمل موجود اسڪواڊ جو 14 هين رينڪ جي نيڌرلينڊ ٽيم سان مقابلو جاري آهي.

هن لکيو ته نيڌرلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ڏانهن  پهرين ون ڊي ميچ ۾ جارحاڻي ۽ شاندار ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ڪريڊٽ وڃي ٿو، پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ڪارڪردگي پاڪستان ٽيم مئنيجمنٽ تي دٻاءُ وڌو.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته پهرين ميچ جي دٻاءُ ڪري ٻي ون ڊي ميچ ۾ مڪمل اسڪواڊ کيڏائي وئي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ٻي ون ڊي ۾ نيڌرلينڊ کي ستن وڪيٽن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسري حاصل ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.