سنڌ ۾ برساتن سبب متاثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي امدادي ڪمن لاءِ رقم جاري ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) برساتن سبب متاثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي امدادي ڪمن لاءِ 30 لک رُپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اعلي سطيح اجلاس ٿي گذريو جنهن ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته متاثر ضلعن لاءِ فنڊز اڄ ئي جاري ڪيا وڃن.

محمد سهيل راجپوت اجلاس ۾ برساتن سبب متاثر ماڻهن کي فوري طور امداد راشن ۽ ٽينٽ سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته برساتن سبب متاثر علائقن ۾ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ پڻ جوڳا قدم کنيا وڃن.جڏهن ته برساتن سبب متاثر ٿيندڙ انفراسٽرڪچر ۽ فصلن جي نقصان جو به درست ڪاٿو لڳايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.