سخت گرمين دنيا جي ٽن وڏي معيشتن کي ڌوڏي وڌو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)موسمياتي تبديليون عالمي معيشت جي لاءِ ڪيتري قدر نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون ان جو اندازو لڳائڻ سدائين ڏکيو مسئلو رهيو آهي پر ٻه هزار ٻاويهه جي گرمين واري موسم مان واضح ٿي ويو آهي ته اهي گرميون ڪيتريون تباهه ڪندڙ آهن.

آمريڪا، يورپ ۽ چين گرمي ۽ خشڪ سالي جو مقابلو ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري ڪمپنين ۽ ملازمن کي ان وقت مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن عالمي سطح تي ڪيترن ئي ملڪن کي معاشي ڌلائپ سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

چين جي صوبي سيچوان ۾ سڀني ڪارخانن کي ڇهه ڏينهن جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي ته جيئن بجلي بچائي سگهجي.

جرمني جي اهم ترين درياهه جي سطح به خشڪ سالي جي ڪري گهڻو گهٽجي وئي آهي جنهن جي ڪري سامان پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

آمريڪا جي اوڀر واري علائقي ۾ گرمي پد وڌي وڃڻ سبب ماڻهن کي بجلي بچائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

آڪسفورڊ ايڪنامڪس جي گولبل ميڪرو ريسرچ جي ڊاريڪٽر بين مي چيو آهي متاثر ٿيل علائقن ۾ انهن حالتن جا اثر به چٽا ظاهر ٿيندا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سخت موسم جي ڪري مختلف مسئلن جي سختي کي به وڌائي ڇڏيو آهي خاص ڪري سپلاءِ چينز متاثر ٿيڻ جي ڪري مهانگائي کي گهٽائڻ ڏاڍو ڏکيو بڻجي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.