موسمي مينهن چين ۾ به تباهيون مچائي ڇڏيو، سورنهن ماڻهو فوت

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۾ به موسمي برسات هلندڙ آهي ۽ سخت برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب چين جي صوبي ڪنگ هائي جي پهاڙي علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سورنهن ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏي واري صورتحال جي ڪري هن وقت تائين ڇٽيهه ماڻهو گم ٿي چڪا آهن جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو ٽيمن جو آپريشن به هلندڙ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.