اهڙي آفيسر وٽ پيش نه ٿيندس جنهن وٽ اختيار ئي ناهن : اسد قيصر

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽  قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي وڪيل وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) کي نوٽيس واپس وٺڻ جو خط لکي ڇڏيو.

خط ۾ اسد قيصر جي وڪيل جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي اختيارن بابت ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، پشاور هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اختيارن بابت ڇهه سوال ڪيا، ايف آءِ اي کي عدالتي فيصلي جو انتظار ڪرڻو پوندو .

اسد قيصر جو چوڻ آهي ته سندس اصيل اهڙي آفيسر اڳيان نٿو ٿي سگهي جنهن وٽ اختيار ئي نه هجن، ايف آءِ اي نوٽيس واپس وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.