برسات کانپوءِ اٿندڙ ”خوشبوءِ“ کي ڇا چئبو آهي؟ ۽ ان جو سبب ڇا آهي؟

تيز برسات کانپوءِ هڪ مخصوص خوشبو پکڙجندي آهي جنهن سان وسڪاري جي ڄاڻ ملندي آهي.

ان خوشبو جي ڄاڻ ته سڀني کي هوندي آهي پر ان جي سائنسي نالي جي ڄاڻ ڪنهن کي ناهي ته اهو نالو ڇا آهي ۽ ڇو رکيو ويو آهي؟

قديم زماني کان ماڻهو ان خوشبو کي سنگهندا آهن پر سائنسدانن 1964 ۾ ان خوشبو کي نالو ڏنو.

ان جو نالو پيٽريڪور رکيو ويو آهي. جيڪو يوناني ٻولي جي ٻن لفظن پيٽرا ۽ يڪور مان ورتل آهي.

اها خوشبو وسڪاري کان پهريون ۽ بعد ۾ زمين مان نڪرندي آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي، ٽڪرين ۽ زمين مان مخصوص ڪيميڪلز خارج ٿيندا آهن.

وسڪاري جا ڦڙا جڏهن ٽڪرين ۽ زمين جي سطح جي ايئر پاڪٽس ۾ ويندا آهن ته مخصوص مرڪب جي گيس جي صورت اختيار ڪري مٿي واري پاسي ويندا آهن.

اها خوشبو هڪ ڪيميڪل جيوسمين مان ٺهندي آهي جيڪا سطح ۾ موجود بيڪٽيريا ٺاهيندا آهن.

اپريل 2022 ۾ سائنسدانن ڳولي ورتو ته بيڪٽيريا اهو ڪيميڪل ان لاِ تيار ڪندا آهن ته جيئن پنهنجي حياتيءَ جو بچاءُ ڪري سگهن.

مٽي ۾ موجود بيڪٽيريا ٻاهرين جيتن کان پنهنجي بچاءُ لاءِ هي ڪيميڪلز ٺاهيندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ سطح ۾ مرڪب گڏ ٿيندا ويندا آهن.

جيوسمين برسات جي پاڻي ۾ به موجود هوندو آهي ۽ جڏهن پاڻي جو ڦڙو زمين تي ڪرندو آهي ته ”پيٽريڪور“ خوشبو پيدا ٿيندي آهي.

اهو ڪيميڪل گهڻو خوشبودار هوندو آهي ۽ ان جي ٿوري خوشبو به انساني نڪ سنگهي سگهندو آهي.

تازيخي دور ۾ اها خوشبو انسانن ۾ خوشي پکيڙي ڇڏيندي هئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي ڄاڻ ملندي هئي ته تازو پاڻي انهن جي ويجهو اچي رهيو آهي.

اهو ڪارڻ آهي جو ماهر چون ٿا اڄ به اها خوشبو ماڻهن ۾ خوشي پکيڙي چڏيندي آهي.

ڪينيڊا جي ڪنڪورڊيا يونيورسٽي جي ماهرن جيوسمين تي ڪيترائي تجربا ڪيا جنهن بعد نتيجو نڪتو ته اهو ڪيميڪل بيڪٽيريا رڳو پنهنجي حفاظت لاءِ ٺاهيندي آهن جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.