” جن کي ٽئنڪن آڏو ليٽڻو هو اهي آءِ سي يو ۾ ليٽي پيا“

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته عام ماڻهو ئي پيٽرول اگهه تي مفتاح اسماعيل جي وضاحت سمجهه ۾ نه پئي اچي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري شهباز گِل جو ذڪر ڪندي چيو ته جن کي ٽئنڪن اڳيان ليٽڻو هو اهي آءِ سي يو۾ وڃي ليٽي پيا.

هن چيو ته عمران خان کي شهباز گِل جي نه پنهنجي ڳڻتي آهي، شهباز گِل وفاقي حڪومت جو قيدي آهي، ان جا معاملا وفاق طئي ڪندو آهي.

هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي ڇنڊ پٽي مرضِي جا فيصلا ڪرايا ويندا آهن، اسان پهريان روئيندا هئاسين عثمان بوزدار کي عمران خان هلائيندو آهي، هاڻ لڳي ٿوته پرويز الاهي گوگي پنڪي جو اڌ ۾ ڇڏيل مشن پورو ڪندو، عمران خان پنجاب معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ وارن پرويز الاهي جي حيثيت پٽيوالي جهڙي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.