گڏاپ ۾ بچايو بچايو جون صدائون، ماءُ پنهنجي ٻن ٻارن کي بچائيندي حياتي وڃائي !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) برسات جي مسلسل وسڪاري کانپوءِ گڏاپ، ڪاٺوڙ، ڊملوٽي، رزاق آباد، پپري، ۽ گهگهر ۾ تباهي اچي وئي آهي، ملير جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي.

برسات سبب ڪاروبار بند ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن

ملير جون نديون ۽ نالا ابتا وھي رهيا آهن ۽ شهر جا هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ڪاٺوڙ پل لڳ ڪازوي تان گذرندي ڪورنگي واسي ڪٽنب جي ڪار تيز وهڪري ۾ لڙهي وئي.

هڪ ئي گهر جي 6 ڀاتين سميت ست ڄڻا ڪار ۾ سوار هئا جن جي ڪار هٿ ڪئي وئي آهي.

ٻي طرف گڏاپ ۾ مير خان گوندر ڳوٺ تي ٻولهاڙي ندي جي پاڻي اچڻ سبب 22 ورهين جي انعم پنهنجي ٻن پٽن کي بچائيندي پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويئي.

ڳوٺ جا ڪيترائي گهر ۽ انهن ۾ موجود سمورو سامان ،45 ٻڪريون،10 کان وڌيڪ وڏا ڍوڙ پاڻي لڙهي ويا.

ڊملوٽي بازار ندي جي ڪپ تي موجود ڪريم جوکيو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، مقامي ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا اهن.

ملير ڪيترن ئي ڪچن ڳوٺن کي نقصان پهتو آهي ۽ پورهيت طبقو پريشانين جو شڪار آهي.

ڊملوٽي نمبر 6 تي هاشم مهرعلي ڳوٺ جو رهواسي 65 ورهين محمد خان جوکيو ملير ندي پار ڪندي پاڻي جي وهڪري لڙهي ويو جنهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.