طالبان جي آمد تي ڳڻتي آهي، ڪجهه ٿيو ته ذميوار صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت هوندي: سراج الحق

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مالاڪنڊ ڊويزن ۾ شدت پسندي نه رڪي ته جماعت اسلامي جا ڪارڪن گورنر ۽ وزيراعليٰ هائوس ڪاهه ڪري ڏيندي.

هن بجلي بلن ۾ وصول ٿيندڙ ٽئڪس خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته مالاڪنڊ جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏئي امن قائم ڪيو آهي، اتي وري خوف واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، هاڻي ڪي پي جي عوام پنهنجي علائقن ۾ ڪنهن قسم جي بدامني لاءِ تيار ناهي.

سراج الحق چيو ته ڀتا خوري لاءِ ماڻهن کي فون ڪالون اچي رهيون آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ جو ذميوار ڪير آهي، عوام اها صورتهال برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، طالبان سان ڳالهيون ته حڪومت ڪري رهي آهي، حڪومت طالبان سان ڀلي ڳالهيون ڪاري اسان سپورٽ ڪنداسين پر امن قائم ٿيڻ گهرجي، هاڻي اسان ڪو به علائقو خالي نه ڪنداسين ۽ انڪري حڪومت پهريان ئي قدم کڻي.

سراج الحق چيو ته ڳاليهون به جاري آهن طالبان اچي رهيا آهن، امن خطري ۾ آهي، حڪومت ٻڌي وٺي، صوبي ۾ ڪٿي به ڪو قتل ٿيو ته ذميوار صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتون هونديون، حڪومت حالتون ڪنٽرول نه ڪيون ته اسان گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس جو رخ ڪنداسين .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.