شهباز گِل تي تشدد ٿيو يا نه ؟ عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بغاوت جي ڪيس ۾ شهباز گِل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ خلاف درخواست تي آءِ جي اسلام آباد پيش ٿي ويو.

هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عامر فاروق بغاوت جي ڪيس ۾ شهباز گِل جو وڌيڪ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار طرفان فيصل چوڌري ۽ شعيب شاهين ايڊووڪيٽ عدالت ۾ ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل تي جسماني رمانڊ دوران تشدد ڪيو پيو وڃي جيڪو غيرقانوني آهي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ٽئين وڳي لاءِ نوٽيس جاري ڪيوهو.

عدالت آءِ جي اسلام آباد، ايس ايس پي انويسٽيگيشن، ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پڻ طلب ڪري ورتو جڏهن ته سپرٽنڊنٽ اڊيالا جيل کي پڻ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

وفقي ٻيهر ٻڌڻي ٿي ته آءِ جي اسلام آباد عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته شهباز گِل تي ڪو ٽارچر ناهي ٿيو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪٿي به ٽارچر جي نشاندهي ناهي ڪئي وئي.

عدالت چيو ته اها ڳالهه سامهون اچڻ گهرجي ته تشدد ٿيو آهي يا نه، جيڪڏهن ٽارچر ناهي ٿيو ته جيڪي الزام مڙهي رهيا آهن انهن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي.

ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو ته 12 آگسٽ تي شهباز گِل تشدد جو الزام مڙهيو ٻئي ڏينهن ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو.

ميڊيڪل بورڊ طبي معائني لاءِ جيل ويو تي شهباز گِل سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت اڊيالا جيل جي ايڊيشنل سپرٽنڊنٽ، ميڊيڪل آفيسر، اسلام آباد پوليس جي لاڳاپيل آفيسرن کي وضاحت ڏيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي چيو ته توهان ماڻهن جي ڪري ادارن جو نالو خراب ٿيندو آهي.

عدالت آءِ جي اسلام آباد شروعاتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

شهباز گِل تي تشدد خلاف درخواست داخل

ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اسد عمر ۽ بابر اعواڻ شهباز گِل تي تشدد خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ شهباز گِل جي طبي معائني لاءِ غيرجانبدار ڊاڪٽرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته پوليس کي شهباز گِل تي دٻاءُ وجهي اعترافي بيان وٺڻ کان روڪيو وڃي، شهباز گِل تي جسماني تشدد جون خبرون ميڊيا تي پڻ اچي چڪيون آهن.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تشدد کانپوءِ شهباز گِل جي جسماني ۽ دماغي حالت بهتر ناهي جيڪو سندس حياتي لاءِ خطرو آهي، شهباز گِل کي قيد ۾ رکڻ جو مقصد رڳو جسماني تشدد ڪرڻ  آهي، عدالت سندس جسماني تشدد روڪڻ جو حڪم جاري ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.