ايف بي آر ۾ ڪرپشن ڪندڙ خبردار ٿي وڃن !

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو ( ايف بي آر ) ڪرپشن ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

ايف بي آر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملازمن بابت جاچ 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي ويندي، فيلڊ آفيس جا سربراهه جاچ ٽيم کي ڪيس بابت رڪارڊ ڏيڻ جو ذميوار هوندا، جڏهن ته انڪوائري آرڊر بعد لاڳاپيل فيلڊ آفيسر جاچ ٽيم کي ستن ڏينهن اندر رڪارڊ فراهم ڪندا.

ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن ڏانهن قانوني نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جاچ ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.