رات 2 وڳي هٿياربند منهنجي گهر پهتا، مراد سعيد ڇرڪائي ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مراد سعيد چيو آهي ته شهباز گِل کي ڏسڻ لاءِ پمز اسپتال ويس ته سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند ماڻهن رات ٻه وڳي منهنجي گهر پهچي ويا.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مراد سعيد دعويٰ ڪئي ته جنهن وقت شهباز گِل سان ملڻ لاءِ اسپتال ۾ موجود هئس، سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند رات ٻه وڳي منهنجي گهر جي گيٽ تي آيا.

مراد سعيد لکيو ته اطلاع ملڻ تي ويجهن دوستن سان رابطو ڪيو جن جي پهچڻ تي هٿياربند ماڻهو اتان روانو ٿي ويا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ لکيو ته جڏهن انهن جو پيڇو ڪيو ويو ته هٿيار هئڻ باوجود پوليس چوڪي تي کين بنا روڪڻ جي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، نه رڳو اهو پر هو وزيراعظم هائوس ۽ ڊپلوميٽڪ انڪليو کان ٿيندا اڳتي نڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.