نيلامي ۾ خريد ڪيل ٿيلهن مان انساني جسم جا ٽڪرا هٿ

ويلنگٽن(ويڊ ڊيسڪ)نيوزي لينڊ ۾ هڪ خاندان جي نيلامي ۾ خريد ڪيل پراڻي بيگ ۾ انساني ڍاچا هٿ ڪيا ويا آهن.

بي بي سي جي رپورٽ موجب پوليس هٿ آيل انساني باقيات جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ قتل جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي تنهن هوندي به پوليس موجب گهرڀاتين تي شڪ نٿو ٿي سگهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مبينا طور تي ان خاندان لڳ ڀڳ هڪ هفتو اڳ هڪ مقامي اسٽوريج ڪمپني کان مختلف سامان ورتو جنهن ۾ ڪجهه سوٽ ڪيس به شامل هئا.

هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته ٻولي لڳائيندڙن جي لاءِ اها ڳالهه عام آهي ته انهن کي ضايع ڪيل شين کي خريد ڪرڻ کان انهن جي جائزي جي به اجازت ناهي هوندي.

پاڙيسرن طرفان مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته انهن کي ان سامان مان بدبو اچڻ لڳي جنهن تي انهن خريدار خاندان کي سوٽ ڪيس کولڻ جو چيو، سوٽ کولڻ کانپوءِ انهن مان ڪجهه انساني جسم جا ٽڪرا مليا جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.