توشه خانه ريفرنس: هاڻي ڏسنداسين ته عمران خان نااهل ڪيئن ٿئي ٿو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ ايم اين اي محسن شاهنواز رانجها توشه خانه ريفرنس واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻي عمران خان ڏسندو ته ٽيڪنيڪل بنياد تي نااهل ڪيئن ٿبو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ محسن شاهنوار رانجها چيو ته عمران ڪروڙين رپين جون گهڙيون ورتيون، تحفه کپائي ڇڏڻ ڪيڏي ڪريل حرڪت آهي، هن هڪ ڪروڙ واري شئي پنج ڪروڙن ۾ وڪرو ڪئي.

ليگي ايم اين اي چيو ته 3500 جو ٽي سيٽ ته غريب ماڻهو به بخشي ڇڏيندو آهي پر عمران خان تحفا کپائي دنيا ۾ پاڪستان جي بعزتي ڪرائي.

هن چيو ته جڏهن نواز شريف جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي به پيش ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.